نظم
انجنيئر صدام زرداري
”سادو روح“

سادي محبت بدلي
آتم ڪٿا ڏني تو
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
اڏرڻ جون آدتون ڏئي
آسمان تي پڄائي
ويڙهي،وڪوڙي، جڪڙي
مٽي ۾ تو ڇديو آ
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
صو م، صلآتون،پرور
عبادت جو هئين تون منظر
عبادت جو هر نشو ۽
ڪعبو به تو ڀڳو آ
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
رندن جي محفلن ڏانهن
ڀٽڪي ويس جي آءُ
۽ واپسي جا رستا
ڀلجي ويس جي آءُ
سوچڻ جي ئي صلاحيت
رستو به تو کسيو آ
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو

Advertisements