تبديليون
‘‘انـــــجـينيــئــر صـــدام زرداري’’

سڀئي رنگ بد ليا ادائون به بدليون
اسان لاءِ تنهنجون وفائون به بدليون
اسان ڪون چاهيو رهڻ دور توکان
تنهنجون ا لاءِ ڇو عطائون به بدليون
رهياسين هميشه منتظر جنهن لا
طرفدار جون هِن رضائون به بدليون
ويو وقت چوندي، آهين ٻانهن ٻيلي
ضرورت جي موسم صدائون به بدليون
هئي راز محبت هئا سڀ پنهنجا
کليو راز اُلفت فضائون به بدليون
ڪهڙو ڏوهه توکي ڏ جي اي زمانه
اسان لاءِ هُنجون دعائون به بدليون
رهيو ڪو نه مطلب آ هاڻي جيئڻ جو
مرڻ جي ٿي خواهش قضائون به بدليون
جڏهن گڏ هئاسين فراقي سزا هئي
جدائي ۾ ظالم سزائون به بدليون
دردن جي هاڻي ڪهاڻي ڇا لکجي
اسان لاءِ جيڪر جفائون به بدليون
چوي موت ٿي هي ڏسي درد دل جا
صدام تولاءِ هاڻي بلائون به بدليون

Advertisements