Search

Engr. Zardari Saddam

Computer Systems Engineer

Category

Poetry

تبديليون

تبديليون
‘‘انـــــجـينيــئــر صـــدام زرداري’’

سڀئي رنگ بد ليا ادائون به بدليون
اسان لاءِ تنهنجون وفائون به بدليون
اسان ڪون چاهيو رهڻ دور توکان
تنهنجون ا لاءِ ڇو عطائون به بدليون
رهياسين هميشه منتظر جنهن لا
طرفدار جون هِن رضائون به بدليون
ويو وقت چوندي، آهين ٻانهن ٻيلي
ضرورت جي موسم صدائون به بدليون
هئي راز محبت هئا سڀ پنهنجا
کليو راز اُلفت فضائون به بدليون
ڪهڙو ڏوهه توکي ڏ جي اي زمانه
اسان لاءِ هُنجون دعائون به بدليون
رهيو ڪو نه مطلب آ هاڻي جيئڻ جو
مرڻ جي ٿي خواهش قضائون به بدليون
جڏهن گڏ هئاسين فراقي سزا هئي
جدائي ۾ ظالم سزائون به بدليون
دردن جي هاڻي ڪهاڻي ڇا لکجي
اسان لاءِ جيڪر جفائون به بدليون
چوي موت ٿي هي ڏسي درد دل جا
صدام تولاءِ هاڻي بلائون به بدليون

اجــــازت

نـــــظــــم
” اجــــازت “
ِانـــــجـينيــئــر صـــدام زرداري
ڇـــڏي وڃ ڇـــڏي وڃ ڀـــلــــي تـــون ڇـــڏي وڃ
اســـــان جـــي کِــــلــــڻ ۾ ڪـــمـــي ڪــــون ايـــنـــدي
سنـــگـــت جــــي ٽـــولــــي ۾ تـــاڙيـــون مِـــلائــــي
اســــــان جـــا ٽـــــهــــڪ تـــوکــــي پـــيـــغـــام ڏيـــنـــدا
وري اپــــســــرائــــن جـــا مـــيـــلا بـــه ٿـــيـــنـــدا
وري وار کۡـــلنـــدا وري نــــــيــــڻ مــــِلــــنــــدا
وري ڪــــا ڪۡــــنــــواري کــــولــــــي هــــار ٻانــــهون
اســــــان لاءِ وڇـــــائــــي ڳـــــاڙهــــي ســــيــــج ويــــهــــنــــدي
چــــــــــيـــــئــــــي ڇــــــــــــــا ؟
چـــــيــــئــــي ڇــــا تــــه وِيــــنـــديـــن جــــگــــر هـــنـــيـــاوءٌ ڏاري ؟
اڙي هـــــــــل! اڙي هـــــل!
اســــــان جــــي جــــگر کـــــي تـــــو مــــاپــــي ڏٺــــو آ ؟
هـــــي ســـــــمــــنـــــڊ ۽ دريـــــا هــــي گــــنــــگــــا ۽ جـــــمــــنــــا
اســــــان جــــي جــــگر جـــو نــــنــــڍو هــــڪ حِــــصــــو آ
ڇـــڏي وڃ ڇـــڏي وڃ ڀـــلــــي تـــون ڇـــڏي وڃ

وفا جي ڳولا

انـجـيـنـيـئر صدام زرداري

وفــا جــي انـــت جـــي ڳـــولا
اڃـــــان اڳــــتــــي اڃــــان اڳـــتــــي
انــــا جـــي ســـخــــت ڪـــنـــڊن کـــان
لـــــڪـــائــــي پـــيـــــر هـــي پـــنــهــنــجــا
وڃـــان پــيـــو هـــاڻ مـــڪـــتـــل ڏي
اڃـــــان اڳــــتــــي اڃــــان اڳـــتــــي
اِنـــهـــي ســـاڳـــــي ئــــي ڳـــولا ۾
اڳــــي جـــيـــڪـــي هــئـــا نــڪــتــل
انـــهــن جـــا لاش ٿــــا ڏســجــن
بـــدن چـــچــريـــل ڇـــنـــل ڇـــاتـــيـــون
ڀــــڳــــل نـــيـــزا مـــڏا خـــنـــجـــر
هــــڏن جـــا ڍيــــر ٿــــا ڏســـجـــن
لـــــڳــــي ٿـــي واٽ آ مــــشـــڪـــــل
اڃـــــان اڳــــتــــي اڃــــان اڳـــتــــي
چــــيــــم جـــو واٽ آ مـــشـــڪــــل
مــــان بـــه ســـاڳـــــيــــو نــــه آهـــيـــان مـــان
ســــڪــــل چــــپ ۽ اکــــيــــون نـــڪـــتـــل
اگــــھـــاڙا پــــيــــر بــــدن چــــچــــريــــل
ڏاڍي هــــي واٽ آ مــــشــــڪـــل
اڃـــــان اڳــــتــــي اڃــــان اڳـــتــــي
واقــــعـــــي واٽ آ مـــشــــــڪـــل
وفـــــا جــــي انـــــت جــــي ڳــــولا
اڃـــــان اڳــــتــــي اڃــــان اڳـــتــــي

ڏوهه

تــــوســــان پـــيــــار ڪــــيـــــم
ڇــــــا ڏوهه ڪيم؟
نه ســامــراجــن کــان سنــــڌ گھـــــــــري !
نه بـــاغـــي ٿـــي اِعـــــلان ڪيــم
پـــوءِ ڪـــافـــر جـــو اِلــــــزام کـــڻـــــي
ڇـــو مــــشرق جــــو مـــزداق ٿـــيـــم
تــــوســــان پـــيــــار ڪــــيـــــم
ڄـــڻ ڏوهه ڪـــيــــم؟
نه ڏڪـــنـــدڙ لـــــڱ تــــان لـــــوئي لاهـــــي
نه نـــــاري ڪـــائــــي ســــام ڪــــيـــــم
نه عـــــام نـــــــاس جـــــا پــــٽــــڪــــا ڌوڙي
نه وڏيــــــرو شـــيـــــطـــــان ٿــــــيــــم
تــــوســــان پـــيــــار ڪــــيـــــم
اِهو ڏوهه ڪــــــيـــــم؟
نه فــــرڪــــــن ۾ ڦــــيـــــــراءُ ڪــــيــــــو
نه قــــلـــــيــــات صــــحــــيــــفــــه ســــاڙيـــــا مـــــون
نه مــــــذهــــــب ڪـــــو مـــيــــســــاريـــــو مــــــون
نه گـــــنــــــگـــــا کـــــي گـــــمـــــنـــــام ڪــــيــــم
بـــــــــــس پـــــيـــــار ڪــــيــــم اِهـــــو ڏوهه ڪـــــيـــــم
تــــوســــان پـــيــــار ڪــــيـــــم
ڇـــــــــــا ڏوهه ڪـــــــــيـــــــم؟

انـجـيـنـيـئر صدام زرداري

نــنــڍ پِـــــــڻ جــــــــــــــــــــون يــــادون

انـجـيـنـيـئر صــدام زرداري

” نــنــڍ پِـــــــڻ جــــــــــــــــــــون يــــادون”

هو نــنــڍ پِـــــــڻ جــــــــون يــادون هو انـــــــــمول منظر
گـِـھٽي مان نِڪرڻ ۽‌ نــخــــــــرن سان ڇِرڪڻ
ڏندن تي هٿ ڏِيــــئـــي ٽـهـڪ لــِڪائي
چۡني کي سٽ ڏِيــــــئي ڪـنـڌ کــــان ورائي
زماني جي نظرن کـــان اکــيــن کي لــــِڪائي
وارن کي زوري هٿــــن ۾ ڦـــاسائــــي
مون ڏانــهــن تڪيندي پــٺــي ڏي ورائــــي
ساوڻ جي ٿــــڌڙي ۽ جۡـــھڙالـــــي هوا ۾
هــٿــن تـــــي کــــــڻي پنهنجي چۡــــــنــري اۡڏائي
خوشي ۾ چــيــڪون ڪري پـــاڻ ڏانــــهــــن ڇـــڪائي
ڪۡنــــواري مــــحبت جا آ ثــــار ڪــــــــڇ تي
جـــــواني جو جوڀـــن نروار مۡـــــــک تي
نه جسماني ڇڪ نه نـــفــساني خواهش
پاڪ پويــتـــر ۽ مـعــصوم چاهت
هۡـــجي مۡــــمــڪِن ورائي اچۡـــون هــا
هو جواني جو جـــو ڀـــن، معصوم چاهــت
هو نــنــڍ پـــــــڻ جــــــــون يــادون ۽ انـــــمول مــنظر
هو نــنــڍ پـــــــڻ جــــــــون يــادون ۽ انـــــمول مــنظر

سادو روح

نظم
انجنيئر صدام زرداري
”سادو روح“

سادي محبت بدلي
آتم ڪٿا ڏني تو
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
اڏرڻ جون آدتون ڏئي
آسمان تي پڄائي
ويڙهي،وڪوڙي، جڪڙي
مٽي ۾ تو ڇديو آ
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
صو م، صلآتون،پرور
عبادت جو هئين تون منظر
عبادت جو هر نشو ۽
ڪعبو به تو ڀڳو آ
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
رندن جي محفلن ڏانهن
ڀٽڪي ويس جي آءُ
۽ واپسي جا رستا
ڀلجي ويس جي آءُ
سوچڻ جي ئي صلاحيت
رستو به تو کسيو آ
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو
سادو هي روح منهنجو
وارن ڳتيل رهي ٿو

اي خواب

..هر رات سموري رولاون مين

..اي خواب حقيقت ڇو نٿو ٿيئن

..هو رسمن رواجن جي پابند ڏاڍي

..روز هن پويان وڃڻ ڇڏي ڏي

Engr Zardari

Create a free website or blog at WordPress.com.

Up ↑