Search

Engr. Zardari Saddam

Computer Systems Engineer

Tag

sindhi

اجــــازت

نـــــظــــم
” اجــــازت “
ِانـــــجـينيــئــر صـــدام زرداري
ڇـــڏي وڃ ڇـــڏي وڃ ڀـــلــــي تـــون ڇـــڏي وڃ
اســـــان جـــي کِــــلــــڻ ۾ ڪـــمـــي ڪــــون ايـــنـــدي
سنـــگـــت جــــي ٽـــولــــي ۾ تـــاڙيـــون مِـــلائــــي
اســــــان جـــا ٽـــــهــــڪ تـــوکــــي پـــيـــغـــام ڏيـــنـــدا
وري اپــــســــرائــــن جـــا مـــيـــلا بـــه ٿـــيـــنـــدا
وري وار کۡـــلنـــدا وري نــــــيــــڻ مــــِلــــنــــدا
وري ڪــــا ڪۡــــنــــواري کــــولــــــي هــــار ٻانــــهون
اســــــان لاءِ وڇـــــائــــي ڳـــــاڙهــــي ســــيــــج ويــــهــــنــــدي
چــــــــــيـــــئــــــي ڇــــــــــــــا ؟
چـــــيــــئــــي ڇــــا تــــه وِيــــنـــديـــن جــــگــــر هـــنـــيـــاوءٌ ڏاري ؟
اڙي هـــــــــل! اڙي هـــــل!
اســــــان جــــي جــــگر کـــــي تـــــو مــــاپــــي ڏٺــــو آ ؟
هـــــي ســـــــمــــنـــــڊ ۽ دريـــــا هــــي گــــنــــگــــا ۽ جـــــمــــنــــا
اســــــان جــــي جــــگر جـــو نــــنــــڍو هــــڪ حِــــصــــو آ
ڇـــڏي وڃ ڇـــڏي وڃ ڀـــلــــي تـــون ڇـــڏي وڃ

شرعي عدالت

!..حال ۾ داخل ٿيس سا مهون ويٺي هئي

.پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي دعا گهرڻ لڳس ته شل ان جي پاسي واري سيٽ  تي نه ويهان

منهنجي ڪيفيت عجيب ٿي ويئي،سردي وارو بخار محسوس ٿيڻ لڳو.ٽنگون ڏڪڻ لڳيون،ڳلهه سڙڻ لڳا مان زور .سان پنهنجا هٿ لوڏڻ    جي ڪوشش ڪئي،هٿ منهنجي جسم مان الڳ ٿي ويا

.هو پاسي ۾ ويٺل ڇوڪرِي سان مُرڪي رهي هئي

ان جو هُليو عجيب هو، منهن لٿل، چپ سڪل، ائين پي لڳو ته وقت جو  وهڪرو ان جي جواني جو گھڻو حصو پاڻ سان وهائي کڻي ويو هجي، ڄڻ ڪنهن بيماري ۾ مبتلا هجي..هٿ ۾ جھليل پنن کي اکين جي ويجھو ڪري پڙهي رهي هئي نظر جو چشمو نه  پاتل هئس، پر شايد نظر گھٽجي ويئي هئس،مان سوچن جي سمنڊ ۾ هئس خبر نه پئي وڃي ڪري اڳيان بيهي رهيو مانس.مان ڪون په چاهيو ته هو مونکي ڏسي پر خبر ئي نه پئي، منهنجي جسم جو ٽيمپريچر هڪ عام انسان جي ٽيمپريچر کان وڌيڪ ٿي چڪو هو.هن جي نظر منهنجي پراڻن جوتن تي پئي ۽ اتان کان مٿي ڏسڻ شروع ڪيائين اکيون اکين ۾ وجھي پڇيائين

جيئرو آهين؟

چيم ها

ها تو جھڙن کان ته موت به معافي گھرندي آهي

!..پنهنجو ساهه هر ڪنهن کي پيارو آهي، ان لاءِ تو به خدڪشي جي ڪوشش نه ڪئي هوندي

      هو الاءِ ڇوايترا سوال ڪري ويئي

مون چيو، ها

هن چيو، ڇا؟

مون چيو، الاءِ

هُن چيو تون ڪڏهن سنجيده ٿيو ئي نه آهين.تون هميشه پاڻ تي پاڻ ئي ظلم ڪندو رهيو آهين، توکي نه مسجد ، نه

.مندر ،نه چرچ ۾ سڪون مليو آهي نه ئي قبر ۾ ملند ئي

هو اُٿي بِيٺي

مان چيو، شايد  قبر ۾ سڪون ملي

 چيائين نه اها تنهنجي غلط فهمي آهي، تون گھناهن جي دنيا جو بادشاه آهين.تون قبر ۾ به سڪون حاصل ڪري نه سگھندين، تنهنجي لاءِ ته عذاب وارا نانگ، وڇون به گھٽ ٿي پوندا، پوءِ به تنهنجي گھناهن جو ڪفارو ادا نه ٿيندو

مون چيو، مڃان ٿو

بس صرف مڃين ٿو..؟

..!ها

ڇا ها…؟

سڀ ڪجھ مڃان ٿو

! چيائين تو آخر هن زمين تي مو ڪليو ڇو ويو آهين

خدا توکي تخليق ڏيئي الائي ڇو پيارن انسانن جي مٿان عذاب خلق ڪري ڇڏيو اٿائين

 اکين مان لڙڪ اچي ويس، ڄڻ روئڻ لڳي هئي

چيائين، مهراڻ آخر تو منهنجي زندگي اعذاب ڇو ڪئي آهي؟

نه سورٺ مون ته هميشه تنهنجو ڀلو چاهيو آهي

ڀلو چاهيو آهي؟؟

ڪوڙي کل سان منهن پرتي ڪندي چيائين

تون ڇا ٿو سمنجھين، وڏي ڏاڙهي ڇڏي تون ديندار ۽ سچو ٿي ويو آهين؟

اڙي تنهنجون ته نمازون ۽ روزا به قبول ناهن، تون دلين جو ٽوڙيندڙ آهين جنهن ۾ خدا رهندو آهي

مان سورٺ جا لفظ ڳيتون ڏيندي ٻڌندو پئي ويس

مون چيو، ها

مهراڻ ڇا تو پنجويهه سالن ۾ صرف هڪ لفظ جي تلاوت ڪئي آهي، ها جي؟

جيستائين مام ڄاڻان ٿي، توکي ته الاهي لفظ ايندا آهن جيڪو ڪو به باشعور، عقلمند انسان استعمال نه ٿو ڪري سگھي اڄ ها ها ڇا جي لاتي اٿئي، آخر ڇو…؟؟؟

سورٺ تون اگر ڪجھ دير لاءِ پنهنجي شرعي عدالت مان نڪرين ته مان به ڪجھ چوان نه

تنهنجي شرعي عدالت ۾ مان هر جرم جو اعتراف ڪندو آهيان، ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندس، ته پوءِ منهنجي وات مان ها کان سواءِ ٻيو لفظ ڪئين نڪرندو..؟

سورٺ مون ڪڏهن توکان معافي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، مان مڃان ٿو ته معاف انسانن کي ڪبو آهي مان ته اشرف المخلوق جي اُن دائري ۾ اچان ئي ڪون ٿو.مان ته واجبُ القتل آهيان

هُو تيز ساهه کڻڻ لڳي مون ڏانهن اکيون ڦاڙي ڪري ڏسڻ لڳي

 !..چيائين تو ته اُن ڏينهن وڏي فخر ۽ اعتماد سان چئي ويو هوئين ته تون پنهنجي خوابن جي تعبير ٿو ڳولڻ وڃين

چيم ها

چيائين ڪٿي آهي..؟

چيم ملي ويئي

 !..چيائين ڏيکار

چيم سورٺ سج هميشه نڪرندي ئي سڀ ڪنهن کي نظر ايندو آهي

چيائين، ته پوءِ معنى تنهنجي تعبير اِها هئي

هميشه فقيرن وانگر رُلڻ ۽ ڀٽڪڻ..؟

مهراڻ مان توکي سمجھائي نٿي سگھان

سورٺ تنهنجا پير هٿ نازڪ آهن تون مونسان پنج قدم به گڏ نه هلي سگھندين

سورٺ روئڻ لڳي..مان خاموش ٿي ويم

  چيائين،ها ها وري ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ائين اوچتو سامهون اچجائين

ها سورٺ مان وري ڪجھ عرصي کان پوءِ تنهنجي عدالت ۾ حاضر

 ٿيند س، ۽ تون هميشه جيان ائين فيصلا ٻڌائيندي رهجائين ڪنهن ڏينهن ته خدا جا فرِشتا مونکي ڦاسي تي چاڙهيندا ۽ مان توکي لٽڪيل ملند س

مان ٻه قدم پوئتي ٿيندي چيو ته سورٺ تون مون لاءِ حجرِ اسود آهين،توکي ڏسڻ کان پوءِ مان معصوم ٿي ويندو آهيان، ۽ گناه گٽجي ويندا آهن،ان لاءِ منهنجي زندگي کي طول اچي ويندي آهي

توکان پري هوندو آهيان ته دنيا ۾ دريافت ٿيل ۽ اڻ دريافت ٿيل سڀ بيماريون اچي پاسو وٺنديون آهن

تون سامهون اچي ويندي آهين ته انهن بيمارين کي منهن ڏيڻ جي سگھ ملي ويندي آهي

سورٺ موڏانهن ڏسندي ڏسندي ڪرسي ۾ هٿ وجھي ۽ ڪرسي تي پاڻ کي اُڇلائي ڇڏيو،

.سورٺ آسما ڏانهن ڏسندي، چيائين ٽائم ٿي ويو

.مان خاموش ٿي ڪرسي تي ويهي رهيس

سورٺ اُٿي ڪري حال مان ٻاهر نڪري ويئي

مان اُٿي ڪري هميشه وانگر سورٺ جي  قدمن جي مٿان پنهنجا قدم رکندي ٻاهر نڪتس، پر هُن جي منزل ستين آسمان تي آهي.مان هميشه ڪجھ وقت لاءِ ان جي قدمن تي پنهنجا قدم رکيدو آهيان

هو نوري مخلوق آهي، هو بُراق تي سوار ٿي ويندي آهي، ۽ ما پنڌ ان کي پڄي نه سگھندو آهيان

صدام زرداري

Blog at WordPress.com.

Up ↑